مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي معام??ن واري وزارت پاڪستاني ح?? پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لاءِ منيٰ ۾ م??ن ڪنٽرول آفيس (ايم سي او) قائم ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معام??ن واري وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ انفارميشن سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به گم ٿيل حاجي يا سامان جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجين جي ڪنهن به امڪاني مسئلن جي ڪڙي نگراني ۽ انهن جي حل لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي. مختلف ٻيا خاص يونٽس جهڙوڪ وهيل چيئر ڊيسڪ وغيره حاجين جي سهولت لاءِ قائم ڪيا و??ا آهن. انهن سهولتن جي فراهمي جو مقصد حج انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني ح?? پانڌيئڙن لاءِ آرامده ۽ پريشاني کان پاڪ ماحول فراهم ??رڻ لاءِ مذهبي معام??ن واري وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.
مذهبي معاملن واري وزارت طرفان پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لاءِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس قائم
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش