مڪه مڪرمه -20 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ڪنگ عبدال??زي?? ڪسوه ڪمپليڪس رمضان کان پهرين غلاف ڪعبه جي سار سنڀال ۽ مرمت جو مڪمل ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽن مطابق سيڪريٽري ڪسوه ڪمپليڪس انجنيئر امجد الحازمي ميڊيا کي ٻڌايو ته هر سال رمضان شريف کان پهرين خانه ڪعبه جي سينگار ۽ مرمت جو ڪم ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته خانه ڪعبه جي غلاف جي صفائي ۽ مرمت لاءِ جديد ٽيڪنالاج?? جو استعمال ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته سعودي هنرمند خانه ڪعبه جي غلاف جي هڪ هڪ حص?? جو روزانو معائنو ڪندا ??هن ۽ جتي به ڪا ڪمي پيشي نظر ايندي آهي ته ان کي دور ڪرڻ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪٿي غلاف ۾ ڪو جهول نظر ايندو آهي ته ان کي فوري طور تي ٺيڪ ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته خانه ڪعبه جي هر پاسي کان ٽي ميٽر اوچو ڪپڙو لڳائي غلاف کي ڇڪيو ويندو آهي. هر طرف کان ان جي صفائ?? جو به اهتمام هوندو آهي. حجر اسود ۽ ر??ن يماني ??ٿا?? غلاف جا ڪنارا تبديل ڪيا ويندا ??هن. امجد الحازي چيو ته ڪنگ عبدال??زي?? ڪسوه ڪمپليڪس جي ماتحت ڪعبه جي غلاف جي صفائي، سينگار ۽ مرمت ڪيترن ئي ڏهاڪن سان هي ادارو پنهنجي ذميواري ۽ اخلاص سان انجام ڏئي رهيو آهي . هي ڪم مقرره وقت مطابق انجام ڏنو ويندو آهي.
رمضان شريف کان پهرين خانه ڪعبه جي غلاف جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس