گڏيل قومون- 28 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نما??ند?? منير اڪرم عيدالاضحيٰ جي پُرمسرت موقعي تي ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري وا??ي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون آهن. ڪشميري ميڊيا سروس موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نما??ند?? منير اڪرم آمريڪا ۾ اڄ اربع ڏينهن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد جي موقعي تي اسلام جي ناقابل تغير اصولن موجب انهن سمورن ماڻهن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃ?? جيڪي ڏاڍ، جنگ، وبا، استحصال ۽ پرڏيهي قبضي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هي عيد ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ اسان جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻ?? جيڪي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري وا??ي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته اچو ته اسان هن عيد تي عالمي سطح تي بک کي ختم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ اڻبرابري، ناانصافي ۽ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن سمورن مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
منير اڪرم طرفان ڪشميري عوام جي جدوجهد کي خراج تحسين، مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی