گڏيل قومون-19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل فلسطين تڪرار تي جنگ بندي بابت گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن قرارداد جنهن ۾ لکين فلسطيني شهرين کي انساني همدردي جي ??نياد تي امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو هو، 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ برازيل طرفان پيش ڪيل قرارداد ۾ شهرين خلاف هر قسم جي ??شدد جي مذمت ڪئي وئي هئي، جنهن جي ??مايت ?? 12 ??وٽ پيا جڏهن ته آمريڪا هن قرارداد جي مخالفت ۾ ويٽو جو حق استعمال ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ووٽنگ کانپوءِ سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چيو ته پاڪستان فوري جنگ بندي جي ??مايت ڪري ٿو، هي اجلاس چين، روس ۽ گڏيل عرب امارتن غزه جي ??گڙجندڙ صورتحال تي ڳالهين لاءِ طلب ڪيو، پاڪستاني نمائندي ووٽنگ جو حوالو ڏيندي چيو ته برازيل طرفان پيش ڪيل قرارداد تي ووٽنگ ۾ بهتري جي ??رورت هئي پر سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل نمائندي طرفان قرارداد ويٽو ٿيڻ سبب منظور نه ٿيڻ اسان جي لاءِ حيرانگي جو سبب آهي. هن ??يو ته غزه جي ??هرين تي مسلسل بمباري کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ تعاون ڪندڙ ملڪ ان جا ذميوار آهن. پاڪستان جي مستقل نمائندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سلامتي ڪائونسل هڪ ڏينهن اڳ روس طرفان پيش ڪيل قرارداد ۽ اڄ برازيل جي قرارداد ۾ روسي ترميم سبب جنگ بندي جي قرارداد کي منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، هن ??يو ته غزه تي اسرائيل طرفان مسلسل ۽ تباهي آڻيندڙ حملن کي 11 ڏينهن ٿي ويا آهن، پورو غزه فوجي گهيري ۾ آهي ۽ اتي بجلي، پاڻي ۽ انساني امداد جي فراهمي ڪٽي وئي آهي. غزه جي پوري آبادي جنهن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شهري شامل آهن ??ي انڌا ڌنڌ اسرائيلي حملن جي ??جتماعي سزا ڏني پئي وڃي، هن ??يو ته پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۽ فوجي گهيري شهرين جي ??هادتن ۽ پهرين کان والاريل ۽ تباهه حال ماڻهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي ??ديد مذمت ڪري ٿو، هن ??يو ته جنگ جي قانونن ۽ عالمي انساني قانون، خاص طور تي جنيوا ڪنوينشنز جو سختي سان مشاهدو ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي گذريل ڏينهن غزه جي ??لاهلي اسپتال تي اسرائيل طرفان ڪيل بزدلاڻي حملي جي ??ديد مذمت ڪئي جنهن ۾ سوين فلسطيني شهري شهيد ٿيا جن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن، هن ??يو ته عالمي قانون تحت ڄاڻي واڻي ڪيل ظلم ۽ اسپتال تي حملو واضح طور تي جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي ??لاف آهن. هن ??يو ته ذميوارن کي عالمي تحقيقات ۽ احتسابي عمل ذريعي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. هن سلامتي ڪائونسل جي مفلوج هجڻ جي ??اوجود اميد ظاهر ڪئي ته جنرل اسيمبلي ۽ گڏيل قومن جي ??نرل سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن جا ادارا تڪرار کي روڪڻ، غزه جي فلسطيني آبادي جي لڏپلاڻ روڪڻ، فلسطيني شهرين لاءِ خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ انساني همدردي جي ??اهدارين کي کولڻ لاءِ قدم کڻندا. هن ??يو ته حق خوداراديت ۽ قومي آزادي لاءِ غير ملڪي قبضي تحت ماڻهن جي ??دوجهد عالمي قانونن تحت جائز آهي ۽ کين پنهنجي ??زادي جي ??اصلات لاءِ ان جدوجهد ۾ سمورا امڪاني وسيلا استعمال ڪرڻ جو حق آهي، هي ان جدوجهد کي دٻائڻ گهرن ٿا جيڪو غير قانوني آهي، گڏيل قومن جي چارٽر تحت رياستن کي پنهنجي ??ودمختياري، علائقائي سالميت تي حملن خلاف پنهنجي ??فاع جو حق حاصل آهي، پاڪستاني نمائندي چيو ته اسرائيل فلسطين ڊگهي تڪرار تمام گهڻيون جانيون ورتيون آهن ۽ پوري خطي جي ??ستحڪام کي مسلسل خطري ۾ وجهي رهيو آهي، هن ??يو ته اسرائيل فلسطين تڪرار جو حتمي حل 1967ع کان پهرين جي ??رحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل ، آزاد ۽ خودمختيار رياست فسلطيني رياست جي قيام ۾ لڪيل آهي جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي.
پاڪستان جو جنگ بندي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados