گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) ??زه ۾ شهري آبادي جي سنگين صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ اڱاري تي منجهند جو ٿيندو. جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس هڪ بيان ۾ چيو آه?? ته اسيمبلي ۾ اجلاس اڱاري تي نيويارڪ جي وقت مطابق منهجند 03 وڳي ٿيندو. ميمبر ملڪن ڏانهن لکيل خط ۾ صدر ڊينس فرانسس چيو آه?? ته هي اجلاس مصر، موريطانيا، عرب گروپ جي سربراهن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم جي گذارش تي سڏايو ويو آه??.هن چيو ته اجلاس جي درخواست ۾ مصر ۽ موريطانيا ??زه پٽي ۾ فلسطيني شهري آبادي جي سنگين صورتحال جو حوالو ڏنو آه??. الجزيره جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ گڏيل قومن لاءِ مصر جي مشن ٺهراءَ جي مسودي جو متن ميمبر ملڪن جي نمائندن ۾ ورهايو ويو آه?? جنهن ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آه??. گڏيل قومن لاءِ مصر جي نمائندي اسامه عبدالخالق ايلس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آه?? ته اها خونريزي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي جي ٺهراءَ جي مسودي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءِ جهڙي ئي ٻولي استعمال ڪئي وئي آه?? جنهن کي آمريڪا جمعي تي ??يٽ?? ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي اڄ اڱاري تي ووٽنگ جو امڪان آه??. 193 ميمبرن جي جنرل اسيمبلي 27 آڪٽوبر تي به انساني همدردي جي بنياد تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو.
غزه صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil