جنيوا-14 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي اي??ان?? هم م??صب حسين امير عبدالهيان سان ملاقات ڪئي ۽ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي تي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. العربيه اردو موجب ٻنهي اڳواڻن انساني حقن جي عا??مي منشور کي اختيار ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه جي تقريب جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ بندي ۽ شهرين جي تح??ظ لاءِ عا??مي برادري جي ڪر??ار ادا ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن تعاون کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ سعودي عرب جي مستقل نمائندي عبدالحسن بن خثيله ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرحمان الداد به شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada