واشنگٽن -12 اپريل (اي پي پي) آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي، ته ناڻي واڌ جي بلند شرح 2025ع تائين جاري رهي سگهي ٿي. فنڊ جي چيف اڪانامسٽ پيري اوليور گورنچاس هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي، ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي مو??وده بلند شرح جي پويان مهانگائي وارا سبب 2025ع تائين جاري رهڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته ??ورونا وائرس جي عالمي وبا کان پوءِ معيشت جي بحالي سڄي دنيا ۾ شين جي اگهن ۾ تيزي سان اضافو ڪيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. گذريل سال يوڪرين تي روس جي حملن مهانگائي جي ش??ح ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. ناڻي واڌ جي ش??ح کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن جي مرڪزي بئنڪن وياج واري ش??ح ۾ اضافو ڪيو. ۽ ان جي باوجود اها شرح آمريڪا جي فيڊرل ريزرو ۽ ٻين ملڪن جي مرڪزي بئنڪن جي 2 سيڪڙو وارن اندازن کان وڌي وئي. عام واهپي وارين شين ۽ توانائي جا اگهه ڪوششن باوجود نه گهٽجي سگهيا، اهڙي طرح بنيادي ناڻي واڌ جي ش??ح کي پڻ گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي. هن چيو ته هاڻي صورتحال اها آهي ته مهانگائي 2025ع دوران به گهٽ ٿ??ڻ جا آثار نظر نٿا اچن، ان صورتحال تي ضابطو آڻڻ وارن ڪوششن دوران مرڪزي بئنڪن کي وياج واري ش??ح کي ڊگهي عرصي تائين بلند سطح تي رکڻو پوندو.
ناڻي واڌ جي بلند شرح 2025ع تائين جاري رهي سگهي ٿي: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : sorteios quina