گڏيل قومون-26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن سوڊان ۾ خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻارڻ جي کوٽ بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي. سعودي ميڊيا ذريعن موجب گڏيل قوم?? جي ماتحت پناهگير?? جي هاءِ ڪمشنر جي ترجمان ??يو آهي ته 20 هزار سوڊاني ملڪ ڇڏي چاڊ هليا ويا آهن جڏهن ته ڏکڻ سودان ??ان تقريبن 4 هزار پناهگير پنهنجي وطن واپس آيا آهن. هاءِ ڪمشنر جي ترجمان جنيوا ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ايئن لڳي ٿو ته جنگ جي نتيجي ۾ اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ لڏپلاڻ ڪندڙ?? جي ??عد??د ۾ اضافو ٿيندو. ٻئي طرف گڏيل قوم?? جي انساني معاملن واري رابطا آفيس جي ترجمان ??يان ??ڪرايو آهي ته خوراڪ، پاڻي، دوائن، ٻارڻ، بجلي ۽ رابطي ۾ شديد کوٽ درپيش آهي، ترجمان ??يو ته تازي عسڪري سرگرمين کان اڳ سوڊان ۾ انساني ضرورتن ۾ رڪارڊ اضافو رپورٽ ٿيو هو. تقريبن 15.8 ملين ماڻهن کي بنيادي شيون گهربل هيون. اهو ??عد??د ملڪ جي ٽيون حصو جي آبادي جي برابر آهي.
سوڊان ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي کوٽ جو خدشو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ