انقره -18 مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته فلسطين?? علائقن ۾ هڪ وڏو انساني الميو اڀري ??هيو آهي. ٽي آر ٽي مطاب?? استنبول ۾ نار ڪانگريس سينٽر ۾ افطار پروگرام کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر چيو ته رمضان المبارڪ ??و مقدس مهينو هڪ تڪليف ڏيندڙ دور مان گذري ??هيو آهي جڏهن تڪرار، انساني الميه ۽ بحران عروج تي آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جڏهن اسان پنهنجي پيارن، خاندان وارن ۽ رشتيدارن سان گڏ افطار جون خوشيون ورهائي رهيا آهيون تڏهن غزه ۽ والاريل فلسطين?? علائقن ۾ هڪ وڏو انساني الميو آهي جنهن لاءِ لفظ ناڪافي آهن. هن چيو ته انسانيت لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ شرمناڪ ڏينهن ??و مشاهدو ڪري ??هيا آهيون، جتي گرم کاڌا يا صاف پاڻي جو هڪ گلاس ملڻ به عيش و عشرت کان گهٽ ناهي. هن چيو ته اسان جي دلين جي مختلف ڪنڊن ۾ اسان جا ڀائر، خاص طور يمن، شام، سوڊان، ترڪستان ۽ افغانستان ۾، هنن مقدس ڏينهن ۾ واقعي سخت امتحانن مان گذري ??هيا آهن. هن چيو ته اسان ان دور مان گذري ??هيا آهيون جڏهن مظلومن لاءِ انصاف، امن ۽ يڪجهتي جي ضرورت پهرين کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي آمد سان ئي ترڪ قوم غزه ۽ ٻين مظلوم علائقن لاءِ پنهنجي امداد ۾ اضافو ڪيو آهي.
فلسطيني علائقن ۾ وڏو انساني الميو اڀري رهيو آهي: ترڪيه
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria