اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 670 مر??ضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 6 ماڻهو ڪورونا جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 24 هزار 22 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 774، پنجاب ۾ 8 هزار 124، خيبرپ??تو??خوا ۾ هڪ هزار 876، اسلام آباد ۾ 2 هزار 873، بلوچستان ۾ 978، گلگت ??لتستان ۾ 223، آزاد ڪشمير ۾ 165 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 66 هزار 301 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 141 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪوورنا جا ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 248 آهي، هيستائين ملڪ ۾ ڪورونا جي مر??ضن جو تعداد 2 لک 88 هزار 717 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 181، بلوچستان ۾ 12 هزار 224، گلگت ??لتستان ۾ 2 هزار 486، اسلام آباد ۾ 15 هزار 378، خيبرپ??تو??خوا ۾ 35 هزار 153، پنجاب ۾ 95 هزار 391 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار 904 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل