اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو اڳوڻي حڪومت ذاتي منصوبو بڻايو هو، ڪو ادارو اهڙو ناهي جيڪو انهن تباهه نه ڪيو هجي، ملڪ کي گروي رکرايو، سي پيڪ جي منصوبي جا وڏا دشمن آهن، مخالف ڌر کي انهن جي هٿ?? ۾ ??ه کيڏڻ گهرجي، سي پيڪ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي محبت جو نمونو بڻجندو، سي پيڪ اٿارٽي جو بل قومي اسيمبلي ۾ اڄ پيش ڪيو پيو وڃي، سي پيڪ اٿارٽي جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي رٿ بدنيتي تي ٻڌل آهي، ان طرح جي قدمن سان دوستن کي غلط پيغام ويندو آهي ۽ دشمنن کي خوشي ٿيندي آهي، مخالف ڌر ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي، ڪنهن قسم جي سازش سي پيڪ منصوبي کي ڊي ريل نٿي ڪري سگهي. سينيٽ ۾ سينيٽر رضا رباني جي سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سي پيڪ اه??و منصوبو آهي جيڪو ڪنهن سياسي پارٽي جو منصوبو نه آهي، اهو چين ۽ پاڪستان جي حڪومتن ۽ عوام جو منصوبو آهي، ان کي غير سياي بڻائڻ ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرن ۽ ان تي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي ٺاهي ۽ آرڊيننس جي ذريعي ان جو ??يا?? عمل ۾ آندو ويو، بدقسمتي سان ملڪ ۾ قومي مفاد جو ڪو ڪم هجي مخالف ڌر راهه ۾ ??نڊ?? وجهندي آهي ۽ ان تي اعتراض ڪندي اهي، هن اسٽينڊنگ ڪميٽي?? ۾ ??نظور ٿيل فيصلن کي به پاڻ رد ڪ??و، مخالف ڌر ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي پر اهي سچ نٿا ٻڌي سگهن، سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم جاري آهي ۽ اهو پاڪستان ۽ چين جي عوام جي و?? ۾ ??ضبوط رشتي جي علامت آهي.
چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو اڳوڻي حڪومت ذاتي منصوبو بڻايو هو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب