اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف هتي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي مب??رڪون ڏنيون ۽ آزاد ڪرايل علائقن جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستان جي ڀرپور تعاون جي ??اطري ڪرائي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ توانائي ??ي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??هميت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز