ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي رياست بنائڻ ل??ءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن تي ڌيان ڏئي کين معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو، نيڪ نيتي سان شروع ٿيندڙ ڪم پنهنجي منزل ماڻي وٺندو آهي. چلڊرين ڪامپليڪس مل??ان ۾ ٻارن جي دل جي سرجري جي شروعات ڪري اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي جنهن ل??ءِ هتان جي انتظاميه ۽ اين ??ي او مبارڪن جا حقدار آهن. اهڙو اظهار هن چلڊرين ڪامپليڪس مل??ان ۾ سرجري يونٽ جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته منهنجي ل??ءِ اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو آئون اڄ اوليائن جي ڌرتيءَ تي موجود آهيان. هتي اين ??ي او ”تاري زمين پر“ جي سي اِي او فاديه ڪاشف انسانيت جي ڀلائي ل??ءِ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئون معاشري ۾ هاڪاري تبديليون ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سرندي وارن کي به گذارش ڪيان ٿي ته اهي به فاديه ڪاشف جهڙن منصوبن تي ڪم شروع ڪن.
پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي رياست بنائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؛ خاتون اول ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے