اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپارين ۽ صنعتي شعبي جي ??لڪ ۾ معاشي ۽ واپاري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ ۾ سهولت جي ??اءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ڀرپور واپاري سفارتڪاري ڪري رهي آهي ۽ ايس ايم ايز جي حوصلا افزائي ۽ مضبوطي لاءِ آزاد واپاري معاهدن ۽ ترجيحي واپاري معاهدن جي ذريعي مقامي واپارين ۽ صنعت جي ??اءِ نئين ۽ بهتر مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سما?? انڊسٽري (جي سي ايس ٽي اينڊ ايس آءِ) جي ??ڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر لياقت علي ملڪ جي ??يادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينئر نائب صدر جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سما?? انڊسٽري محمد عدنان سرور، نائب صدر عبدالقيوم ۽ چيمبر جي ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سما?? انڊسٽري جي صدر لياقت علي ملڪ صدر کي ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ چيمبر جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ۽ جهنگ جي واپارين لاءِ صنعتي اسٽيٽ جي ??نظوري تي حڪومت جي ??اکاڻ ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ غير ملڪي سيڙپڪار?? کي متوجهه ڪرڻ جي ??اءِ سڌارن جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صنعتي شعبي جي ??دد جي ??اءِ جامع ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ پاڪستاني واپاري عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. صدر چيو ته حڪومت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ 100 ارب روپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت مختص ڪيا ويا آهن. هن چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز تي زور ڏنو ته هو واپارين جي ??يڪس ادا ڪرڻ جي حوصلا افزائي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪن ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. صدر عارف علوي ملڪ جي ??عاشي ترقي ۾ جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سما?? انڊسٽري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ وفد کي ان جي ??سئلن جي حل ۾ مدد جي خاطري ڪرائي.
واپارين ۽ صنعتي شعبي جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا