اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ??اط??، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي ??روغ لاءِ سارڪ جي ??تحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي، سارڪ پل??ٽ فارم سان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون جي تنظيم سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسالا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي ??ذمت ڪئي، پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ته حڪومت پاڪستان ان بي رحماڻي واقعي جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي. هن چيو ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ??اط??، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي ??روغ لاءِ سارڪ جي ??تحرڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، سارڪ ميمبر ملڪن جي ??چ ۾ واپاري رابطن جي ??روغ جا وسيع موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان، سارڪ جي ??يمبر ملڪن جي ??چ ۾ زميني، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌائڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي چيو ته سارڪ پل??ٽ فارم تان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير سارڪ تنظيم جي ??قصدن جي تڪميل لاءِ پاڪستان جي ??ڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.
پاڪستان سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر