اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته چين جي قيادت پاڪستان جي معيشت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ??هي جيڪا صحيح رخ ۾ گامزن آهي، چيني قيادت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خواهشمند آهي، چين جي ??ازي دوري سان پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ حصيداري جي ??خ جو تعين ڪري ورتو ??هي ۽ سي پيڪ سميت مختلف شعبن ۾ ويجهن لاڳاپن کي اڳتي وٺي هلي رهيا آهن، افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ سڀ متفق آهن، حالتون خراب ٿيون ته آمريڪا کي به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، قومي تشخص ۽ حڪومتي قدمن کي گڏ ڪري ئي ترقي جي ??فتار وڌائي سگهجي ٿي، ڪورونا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، ڪنهن کي خوش ڪرڻ بدران سڌارا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪورونا کانپوءِ پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻن سفيرن ۽ ٿينڪ ٽينڪ جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين پڻ موجود هئا. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ مسلسل اجلاس ڪري رهيا آهيون، تذويراتي رخ جي ??والي سان اسان ڪليئر آهيون. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ڪورونا وبا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، ڪورونا کانپوءِ اسان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، لاڪ ڊائون نه ڪرڻ تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، ڪنهن کي خوش ڪرڻ بدران سڌارا ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، هر ملڪ پنهنجي ??مدني وڌائڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، دنيا ۾ لاڪ ڊائون سان عام ماڻهو جي ??ندگي متاثر ٿي آهي، چين ڪورونا تي بهترين انداز ۾ ضابطو آندو. وزيراعظم چيو ته توهان سان ملاقات جو مقصد توهان جي ??اءِ وٺڻ آهي، اڄ دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سندس چين جو تازو دورو انتهائي اهميت وارو هو، اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن ??هي ۽ چيني قيادت ان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته افغان عوام کي امداد جي فراهمي عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي، هر ڪو افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ متفق ??هي ۽ جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي ته آمريڪا کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. پنهنجي ??ازي چين جي ??وري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته مون بيجنگ جو ڪامياب دورو ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي ڏس ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته روس جي ??در ولاديمير پيوٽن سان ٻه سال اڳ بشڪيڪ ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران صدر پيوٽن چيو ته روس ۾ اسلامو فوبيا جو ڪو مسئلو نه آهي. وزيراعظم چيو ته چيني صدر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻو هو، 2019ع ۾ ڪورونا آيو ۽ چين ۾ لاڪ ڊائون لڳي ويو، لاڪ ڊائون کانپوءِ چيني صدر سان معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته چين ۾ 400 وزيرن جي ??طح جي ماڻهن جو احتساب ڪيو ويو، احتساب ڪرڻ تي چين صدر جي ??هرت ۾ اضافو ٿيو، چين ۾ فيصلو ٿيڻ کانپوءِ ان تي عملدرآمد ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته چين انفراسٽرڪچر ٺاهي اسان جي مدد ڪئي آهي، ملڪ ۾ شين جون قيمتون هڪ جهڙيون هجڻ گهرجن، 18 هين ترميم کانپوءِ تمام گهڻا مسئلا دپيش آهن. وزيراعظم چيو ته هن چين جي ??در شي جن پنگ سان ڪورونا وبا جي ٻن سال کانپوءِ ملاقات ڪئي، انهن ٻطرفين ملاقاتن پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه بخشي. هن سي پيڪ منصوبن تي سست رفتار ڪم جي ??اثر کي مڪمل طور ??ي رد ڪيو. وزيراعظم افغانستان بابت چيو ته ان معاملي تي عالمي برادري جو اتفاق راءِ آهي، يورپ ۽ افغانستان جي ??مورين پاڙيسري رياستن اتي انساني بحران کان بچڻ تي اتفاق ڪيو ۽ هنن افغانين جي ??ثاثن کي بحال ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، آمريڪا به صورتحال کي سمجهيو آهي، سڀني جو اتفاق ??هي ته اهڙا قدم کنيا وڃن جو افغانستان انتشار جو شڪار نه ٿئي. هڪ سوال جي ??واب ۾ وزيراعظم چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ فيصلاسازي جي ??والي سان مسئلا سامهون آيا. هن ان حوالي سان سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ فرق جو حوالو ڏنو. چيني حڪومت جي ڪم ڪار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته جڏهن ڪو فيصلو ڪيو ويو ته ان تي عملدرآمد ڪيو ويو پر پاڪستان ۾ ان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ آهي. هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته بيجنگ سرمائي اولمپڪس دوران چيني ميڙ پاڪستاني دستي جي گرمجوشي سان حوصلا افزائي ڪئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڪيترا گهرا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ??المي وبا دنيا کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اٽلي، اسپين ۽ برطانيا سميت دنيا جي مختلف ملڪن مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو جنهن تي انهن جي ??ياسي مخالفن پاران کين سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، سمارٽ لاڪ ڊائون جي فيصلي جو دفاع ڪندي وزيراعظم چيو ته آمريڪا، جرمني ۽ فرانس ۾ ماڻهو لاڪ ڊائون جي ??لاف رستن تي نڪري آيا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڳالهائيندي چيو ته سي پيڪ جي نئين منصوبن جي ??روعات ٿي وئي آهي، سي پيڪ تي ورڪنگ گروپ اڳ ۾ 7 هئا جيڪي هاڻي 11 ٿي ويا آهن، سي پيڪ تي ڪم سستي جو شڪار ناهي ٿيو، نيون ٽرانسميشن لائينون ۽ رستا ٺاهيا ويا آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي اڳتي کڻي وينداسين، افغانستان کي معاشي بحران کان بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته افغانستان جي معاملي تي چين ۽ پاڪستان ۾ مڪمل هم آهنگي آهي، مارچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چين جو دورو ڪندس، ڪشمير مسئلي جي ??والي سان چين ۽ پاڪستان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چين جي ??وري ۾ سي پيڪ تي تعطل ختم ڪيو ويو، چيني ٿنڪ ٽينڪس سان ملاقات مثبت رهي ۽ چين جي ??وري ۾ سي پيڪ تي تعطل جو تاثر ختم ڪيو ويو آهي.
چين جي قيادت پاڪستان جي معيشت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے