اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون ڪئ??، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي ڪائونسل جي صدر سان ڳالهائيندي وز??راعظم عمران خان يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي ۽ دنيا تي انتهائي منفي اثر ڇڏيندي. وز??راعظم چيو ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي، معاشي اثرن کي مسلسل اجا??ر ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اهو اصولي موقف آهي ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وز??راعظم جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يوڪرين ۾ شهرين جي لاءِ انساني امداد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سان ويجهو رابطو رهيو آهي. وز??راعظم اميد ظاهر ڪئ?? ته تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار ر??ند??ون. پاڪستان جي يورپي يونين سان لاڳاپن جي اهميت کي اجا??ر ڪندي وز??راعظم چيو ته هو يورپي يونين جي قيادت سان ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي دوري جو منتظر آهي. هن صدر چارلس مشيل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل جي ٽيليفون، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار