اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) تحر??ڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي سيٽن تان پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي مستعفي ٿيڻ ۽ وزارت عظميٰ جي چونڊن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊن جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته قوم جي سامهون ٻه رستا آهن هڪ خودداري ۽ ٻيو غلامي جو رستو ??هي?? عمران خان مون کي اهو اعزاز بخشيو ته آئون پي ٽي اءِ پاران وزيراعظم جو اميدوار ٿيان. سمورن اسيمبلي ميمبرن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جن مون سان تعاون ڪيو. هن چيو ته تحر??ڪ انصاف هڪ نئين پارٽي آهي پر مختلف مرحلا طئي ڪندي ان کي هڪ نظرياتي فڪر رکندڙ پارٽي جو اعزاز به حاصل ٿيو ??هي?? تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هن ايوان جون ڪيتريون ئي معزز پارٽيون ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن پر انهن ۾ ڪو نظرياتي قدر هڪجهڙا نه آهن، اڄ حڪومتي بينچن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا دوست به ويٺل آهن، ٽي سال 8 مهينن تائين اهي ميمبر سنڌ ۾ پ پ جي خلاف مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندا رهيا، اڄ اهي ڪهڙي ڀلائي جي اميد ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جي ساٿين سان ماضي ۾ به ڪجهه معاهدا ڪيا ويا جنهن تي عمل ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته عمران خان جيڪو فيصلو ڪيو اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي ان سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي ته طاقت جو سرچشمو عوام ??هي?? ڪالهه رات پوري قوم عمران خان جي ڪال تي لبيڪ چيو ??هي?? اڄ ڪوئي کٽي هارائيندو ۽ ڪوئي هارائي به کٽي ويندو، عمران مقدر جو سڪندر ??هي?? شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان قوم کي خودداري ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جو درس ڏنو ??هي?? عمران خان صحت ڪارڊ ڏنو، هن وقت اسان جي معيشت پنج سيڪڙو جي شرح ترقي ڪري رهي ??هي?? عمران قومي زبان، لباس کي اجاگر ڪيو، جڏهن هندستان پلوامه کانپوءِ حملو ڪيو ته اسان جي پارٽي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، عمران خان احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙين ماڻهن کي جيئن جو حق ڏنو، عمران خان پاڪستان جي ماڻهن کي غلامي کان آزادي جو تصور ڏنو، هن چيو ته شهباز شريف سان قوم جو مينڊيٽ نه ??هي?? اهي عارضي ات??اد آهي جيڪو وکري ويندو، بلاول ڀٽو جنهن پراڻي پاڪستان جي نويد ٻڌائي رهيو آهي ان ۾ پاڪستان جو ٻار ٻار قرضي ??هي?? اهي ماڻهو پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ ۾ ڇڏي ويا، اڄ ملڪ جي هر اداري ۾ ڪرپشن پاڙ پڪي ڪري رهي ??هي?? اڄ خدمتون فراهم ڪندڙ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، هن چيو ته تحر??ڪ انصاف فوج جي قربانين کي سلام پيش ڪري، ٻاهرين مداخلت ٿي آهي جنهن جو اعتراف نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڪري رهي ??هي?? اڄ ان پراسيس ۾ شامل ٿيڻ ان عمل کي جائز قرار ڏيندو ان لاءِ اليڪشن ج?? بائيڪاٽ جو اعلان ڪري رهيو ??هي??ن، پارٽي جي اجتماعي فيصلي کي سامهون رکندي اڄ مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪريون ٿا.
شاهه محمود قريشي پاران پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي مستعفي ٿيڻ ۽ وزارت عظميٰ جي چونڊن جو بائيڪاٽ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania