اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه هلندڙ سال ملهائي پئي وڃي. ان مناسبت سان خصوصي تقريبون منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته اه?? پاڪستان ۽ جاپان جي خصوصي لاڳاپن جو اظهار آهي. جاپان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي نئين بلندين ت??ئين وٺڻ وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي وزيراعظم واپار، ??رقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اه??يت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ۽ ترقي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ جائيڪا (جي آءِ س?? اي) جي جاري پروگرامن کي ساراهيو. پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست موقعن جي لاءِ پنهنجي حڪ??مت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جاپان جي وڌيڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪ??مت جاپاني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. جاپان جي سفير واڊا جاپان جي پاڪستان سان ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جو ذڪر ڪندي گڏيل مقصد ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي حڪ??مت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان مان جاپاني شهرين جي انخلا جي لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل سهولت کي پڻ ساراهيو. ويراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جاپان جي وزيراعظم کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف سان جاپان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت