اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور ڪندي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي بئنڪ فراڊ ڪيس ۾ بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته بئنڪ پنهنجي کاتيدار?? جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ شهري?? جي نه پر مئنيجر جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ايبٽ آباد جي رهائشي عاشق حسي?? جي اپيل منظور ڪندي چيو ته دوکي سان هڙپ ڪيل رقم صارف کي ??نا??عي سان گڏ واپس ڪئي وڃي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ جي سينيئر انتظاميا بئنڪ برانچ ۾ ايماندار بئنڪ عملدار مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هڪ سادي ۽ اڻپڙهيل صارف کان برانچ مئنيجر 10 لک رپي?? جي رقم فراڊ ذريعي هڙپ ڪئي هئي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ شهري کي رقم جمع ڪرائيندي ڪوتاهي جو ذميوار قرار ڏنو هو، محتسب رقم ڪيشيئر بدران مئنيجر کي جمع ڪرائڻ، رسيدن تي صحيح?? جي حوالي سان ضابطيڪار جي خلاف ورزي تي شهري کي ريليف فراهم نه ڪيو. صدر چيو ته بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ مئنيجر جي ذميواري اهي نه وري اها شهري?? جي ذميواري آهي، بئنڪ پنهنجي کاتيدار?? جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪ ۾ ديانتدار عهديدار?? جي مقرري ۾ ناڪامي صارفي?? جي اعتماد کي ٺيس پهچايو آهي. صدر چيو ته فرض جي عدم ادائيگي سان بنا ڪنهن شڪ جي بئنڪ جي ساک کي نقصان په??و، عملدار پاران بئنڪ بران?? جي اندر دوکيبازي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته بئنڪ ان رقم جي معاملي ۾ ذميواري کان آجي نه ٿي ٿي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته نيشنل بئنڪ حڪمن تي عملدرآمد ڪري ۽ 60 ڏينه?? جي اندر وفاقي محتسب کي رپورٽ جمع ڪرائي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino