ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حضرت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ازبڪستان جي اعليٰ قيادت، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پڻ ان سان گڏ هو. وزيراعظم ازبڪستان جي باني اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. اٺين صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ مسجد خضر فن تعمير جو بهترين شاهڪار آهي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ثمرقند پهتو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم تاجڪستان جي ص??ر امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئي??ف سان جدا جدا ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ايراني ص??ر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي ص??ر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد رجاپار??ف سان پڻ جدا جدا ملاقات ڪندو. ان ک??نپ??ءِ وزيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي ک??نپ??ءِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم جي حضرت خضر ڪمپليڪس جو دورو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک