اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حا??ثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حا??ثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ميجر خرم شهزاد، ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران خان، نائب جليل ۽ سپاهي شعيب جي گهروارن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظ?? چيو ته ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، اهي قربانيون ناقابل فراموش آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بل??د ڪري ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے