اسلام ??با?? – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ ا??هن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ا?? جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسلام ??با?? جي چيف ڪمشنر، تعليم واري وزارت، صحت واري عالمي اداري ۽ ا??وان صنعت ۽ واپار جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ ا??هن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن جي چرپر ۽ عوامي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائي انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته معذور ماڻهن کي تعليم، هنر ۽ ملازمتون فراهم ڪري معاشري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن کي مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ا??هن جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??با??ي جو 10 کان 15 سيڪڙو يا اٽڪل 22 ملين ماڻهو خصوصي ماڻهن تي ٻڌل آهن، خصوصي ماڻهن جي ايڏي وڏي ??با??ي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽيز کي سڀني سرڪاري ۽ نجي عمارتن، انفراسٽرڪچر، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي هڪ جامع آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. صدر ملڪ ۾ س??ور??ن تعليمي سهولتن کي خصوصي ماڻهن جي ضرورتن موجب بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سڀني تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي خصوصي ماڻهن کي داخلا ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. ڊسمبر جو پورو مهينو خصوصي ماڻهن جي مهيني طور ملهائڻ گهرجي. صدر چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ادارا خصوصي ماڻهن جي حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم هلائين.
خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے