اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا، قازقستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قازقستان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير نعمان بشير ڀٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ??لا??ات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي. ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي صلاحيت موجوده سطح کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته پاڪستان قازقستان سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. قازقستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي شعبن ۾ واپار جي صلاحيت کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. صدر چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي م??ڪن سان پائيدار ۽ بامعنيٰ لاڳاپن جو خواهشمند آهي. وچ ايشيائي م??ڪن سان رابطا وڌائڻ پاڪستان جي خطي پاران پاليسي جو اهم حص?? آهي. ڊاڪٽر عارف علوي قازقستان سان عوامي لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ جوائنٽ ڊگريون ۽ وفدن جي م??اسٽا جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي آن لائين تعليم جي سهولت فراهم ڪري ٿي. قازقستان جا شاگرد ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائين تعليم جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. 8 هزار جي لڳ ڀڳ غيرملڪي شاگرد يونيورسٽي جي ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي رهيا آهن. صدر چيو ته نامزد سفير ٻوڏ دوران پاڪستان جي امداد تي قازقستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃي ٿو. نامزد سفير ڀارت جي مسلمانن ۽ اقليت مخالف پاليسين تي به آواز اُٿاري. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪري.
پاڪستان ۽ قازقستان کي واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری