لاهور – 03 – مارچ (اي پ?? پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي باني ميمبر حبيب الرحمان عرف ماني پ??لو??ن جي تعزيت لاءِ لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو سندس گهر پهتو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم ماني پ??لو??ن جي ڌيئرن ۽ پٽن عمران ڊار، ڪامران ڊار ۽ عامر ڊار سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم ماني پ??لو??ن جي درجن جي بلندي لاءِ فات??ه خواني ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي پ??ن سان ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم ماني پ??لو??ن جمهوريت جي بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ تشدد کي منهن ڏنو، ماني پ??لو??ن هڪ مثالي سياسي ڪارڪن هو، سندس ڀٽوازم سان وابستگي وسارڻ جوڳي نه هئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جيالي ماني پ??لو??ن جي قربانين ۽ سياسي خدمتن کي سدائين ياد رکندي.
بلاول ڀٽو زرداري پاران پيپلزپارٽي جي باني ميمبر حبيب الرحمان عرف ماني پهلوان جي لاڏاڻي تي سندس پونئرن سان تعزيت
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea