اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ڪپهه جي آبادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزي??اع??م هدايت ڪئي ??هي ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي سپورٽ پرائيس مقرر ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، واهه جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي بحران سبب ڪپهه جي پيداوار ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. هلندڙ سال ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلس لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس ۽ حڪومتي قدمن سان نه رڳو ڪپهه جي پيداوار جي زمين تي في ايڪڙ پيداوار ۾ خاطرخواهه اضافو متوقع آهي. اجلاس ۾ ڪپهه جي ايڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن سان ڀيٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وزي??اع??م هدايت ڪئي ??ه صوبائي ??ڪومتون آبادگارن کي ڪپهه جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائين. وفاقي حڪومت مقرر ڪيل سپورٽ پرائيس تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي ??ڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪندي. وزي??اع??م چيو ته حڪومت ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪپهه جي فصل جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت تيز رفتاري سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري. ڪپهه پاڪستان جي پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ فصل آهي. وزي??اع??م چيو ته ڪپهه اسان جي ٽيڪسٽائيل جي صنعت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. اسان ڪپهه جي ابادگارن کي سهولتون فراهم ڪري انهن جي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين، ان سان نه رڳو ٽيڪسٽائيل جي برآمد ۾ اضافو ??ين??و پر ڪپهه جي درآمد تي خرچ ??ين??ڙ واري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي ??گهبو. وزي??اع??م فوري طور تي انهن قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون