اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي طب جي شعبي ۾ تعليمي معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائڻ جي ??رو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته غيرملڪي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ رابطا ملڪي تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ترين طريقو آهي، بيمارين جي علاج سان گڏوگڏ روڪٿام تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان سان صحت جي بنيادي ڍانچي تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي 5 هين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس ??ان??لر پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالق، سينيٽ ۽ فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته ملڪ ۾ طبي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ طب جي شعبي ۾ تعليمي معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائڻ جي ??رو??ت آهي. هن چيو ته طبي ادارن کي ملڪي صحت جون ??رو??تون پوريون ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ نرسنگ ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته غيرملڪي ڪورسز ۽ تعليمي مواد تائين پهچ جي لاءِ غيرملڪي يونيورسٽين سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ??رو??ت آهي، غيرملڪي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ رابطا ملڪي تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ترين طريقو آهي. صدر بيمارين جي علاج سان گڏوگڏ روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيمارين کان بچاءُ علاج جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آسان ۽ سستو آهي، بيمارين کان بچڻ سان صحت جي بنيادي ڍانچي تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي کي ميڊيڪل جي شعبي ۾ مثالي ادارو هجڻ گهرجي، طبي ادارا پنهنجي گريجوئيٽس ۾ انسانيت جي خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس ??ان??لر پاران طبي تعليم ??ي فروغ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته مل?? ۾ ??رسن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي توثيق پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر راڻا عمران سڪندر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر موسيٰ خان جي بطور سينڊيڪٽ ميمبر مقرري جي پڻ منظوري ڏني وئي.
غيرملڪي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ رابطا ملڪي تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ترين طريقو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب