لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزي??اع??م ترڪيه ۾ 6 فيبروري جي ??لز??ي جي متاثرن لاءِ به دعا ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران ترڪيه سان گڏ بيهڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر اردوان وزي??اع??م جي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ پنهنجي خصوصي ڀائراڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر ??لز??ي دوران مشڪل جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پاڪستان جي امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ صدر ??لز??ي کانپوءِ وزي??اع??م جي ترڪيه جي دوري کي به ساراهيندي چيو ته پاڪستان جيڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اهو سدائين ياد رکنداسين. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائرن ملڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيشت، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن ا??م علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزي??اع??م صدر اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج