اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بي??ار??س سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي??ار??س جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته هن بي??ار??س جي هم منصب سان نتياخيز ۽ تعميري ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪ – بي??ار??س لاڳ??پن جي لاءِ اسان جي ڊگهي مدي واري هدفن ۾ اقتصادي لاڳ??پن جي مضبوطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ، سائنسي تعاون کي فروغ ڏيڻ، دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي گهرو ڪرڻ شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن دوري جو هڪ اهم نتيجو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن جي ويزائن جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ هو جنهن سان اعليٰ سطح جي دورن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽريٽجڪ انسٽيٽيوٽ ۽ بي??ار??س انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ معاهدو تعليمي تعاون جو مضبوط بنياد رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته هو ڇهين وزارتي اجلاس د??ران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سال 2024ع ۾ ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳ??پن جي قيام جي 30 هين سالگرهه ملهائيندا. پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳ??پن جي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ بي??ار??س جي وچ ۾ گڏيل فائديمند دوستي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهن??ي اعتماد جو اظهار ڪيو. بي??ار??س جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ دوري جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن انتهائي تعميري ۽ بي تڪلف انداز ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جاگرافيائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود ٻنهي ملڪن ??ي اها خواهش آهي ته اهي گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪن. هن چيو ته هو پاڪستان ۾ گاڏيون ۽ ٽريڪٽر ٺاهڻ جي فيڪٽري لڳائي وڌيڪ سيڙپڪاري تي غور ڪري رهيا آهن. بي??ار??س جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ مسلمان دنيا ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ بي??ار??س جي حڪومت جي مستقل پاليسي رهي آهي. هن چيو ته ان خواهش کي ٻنهي ملڪن جي قيادت وڌيڪ وڌايو آهي. هن معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اميج وڌائڻ تي پاڪستان حڪومت کي پڻ ساراهيو. بي??ار??س جي پرڏيهي وزير چيو ته بي??ار??س مختلف دٻاءُ جي باوجود پنهنجي خودمختياري ۽ پرڏيهي پاليسي جي آزادي جو دفاع ڪري رهيو آهي ۽ خودمختيار رياستن ??ي اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو مخالف آهي. هن عالمي فورم تي بي??ار??س جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن تعاون جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي مسئلن تي نظرين ??ي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بي??ار??سي پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.
پاڪستان مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بيلاروس سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: بلاول ڀٽو زرداري جي بيلاروس جي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن