اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي فرض سان ??ڳا??ُ ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن جي خاندا??ن جا ٿورا مڃيا آهن ۽ انهن جي حب الوطني جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افس??س جو اظهار ڪيو. صدر 4 مئي تي ديردوني اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوا??ن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر حوالدار سليم ۽ نائيڪ جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي بسم الله جان، سيد رجب ۽ حضرت بلال جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم پاران شهيدن جي خاندا??ن جا ٿورا مڃيندي انهن جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.
صدر پاران شهيدن جي فرض سان لڳاءُ ۽ وطن سان محبت تي کين سلام پيش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج