اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ بنا مقابلي پا??ٽي جو صدر چونڊي ورتو جڏهن ته مريم نواز شريف سينيئر نائب صدر ۽ پا??ٽي جي چيف آرگنائيزر، احسن اقبال سيڪريٽري جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پا??ٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات جڏهن ته اسحاق ڊار کي اوورسيز جو صدر چونڊي ورتو. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿ??و جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي وزير احسن اقبال، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، راجا محمد ظفرالحق، انجنيئر امير مقام، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان، شاهه غلام قادر سميت چئني صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نائب صدرن ۽ ٻين عهديدارن کانسواءِ وڏي انگ ۾ سڄي ملڪ مان پا??ٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. انٽرا پا??ٽي اليڪشن جي چيئرمين سردار محمد يوسف جنرل ڪائونسل پا??ان چونڊيل پا??ٽي عهديدارن جو اعلان ڪندي چيو ته جنرل ڪائونسل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊيو آهي جڏهن ته مريم نواز شريف سينيئر نائب صدر ۽ پا??ٽي جي چيف آرگنائيزر هوندي. احسن اقبال سيڪريٽري جنرل، مريم اورنگزيب سيڪريٽري اطلاعات، عطاءُ الله تارڙ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هوندو. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ پا??ٽي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪر?? جي قرارداد منظور ڪئي. قرارداد ذريعي والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.
مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل وزيراعظم شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ بنا مقابلي پارٽي جو صدر چونڊي ورتو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر