اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ه??او?? پاڪستان جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿان سن نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ه??او?? پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايڪو سسٽم جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾سئو جي لڳ اڳ انفارميشن ٽيڪنالاجي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. نگران وزيراعظم ه??او?? جي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترويج جي حوالي سان قدمن کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ه??او?? پاڪستان جي نوجوانن خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي رهندڙن ۽ عورتن جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ج?? حوالي سان حڪومت ج?? معاونت ڪندو. هن ه??او?? جي پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم ه??او?? کي پاڪستان ۾ موبائيل فون سيٽس جي تياري جو پلانٽ هڻڻ جي پڻ صلاح ڏني. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف پڻ موجود هو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان هواوي پاڪستان جي وفد جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن جي قيادت ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج