بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا سان خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ، ا??ن ۽ استحڪام ۽ رابطي جي فروغ لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ته پ??ڪس??ان ۽ سريلنڪا غزه ۾ فل??طينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي جي ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر رانيل وڪرما سنگهي پ??ڪس??ان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ موجود مضبوط لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ هم آهنگي کي خوش آئنده قرار ڏنو. نگران وزيراعظم خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم امن ۽ استحڪام ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پ??ڪس??ان ۽ سريلنڪا کي درپيش هڪ جهڙن معاشي چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا عملدار ان حوالي سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻندا جنهن ۾ خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري سرفهرست آهي. سريلنڪا جي صدر نگران وزيراعظم جا پ??ڪس??اني حڪومت ۽ عوام پاران سريلنڪا جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پ??ڪس??ان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فل??طينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري طور تي اسرائيلي جارحيت جي خاتمي، غزه ۾ محصور ماڻهن تائين انساني مدد پهچائڻ جي لاءِ لنگهه قائم ڪرڻ ?? ٻه رياستي حل جنهن تحت 1967ع م مقرر ڪيل سرحدن سان هڪ فل??طيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جو مطالبو ڪيو.
سريلنڪا سان خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ، امن ۽ استحڪام ۽ رابطي جي فروغ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha