اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقابلي جا امتحان باقاعدگي ??ان منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??اڪ??تان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن ??ان تعلق رکندڙن کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن سول آفيسرن جي مقررين ۽ خصوصي ڪوٽا جي حوالي ??ان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري، اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس کي تازو ئي منعقد ٿيندڙ مقابلي جي خصوصي امتحان جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان امتحان ۾ 15 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ 3500 کان وڌيڪ جو تعلق بلوچستان ??ان آهي، ان امتحان ۾ بلوچستان ڪوٽا جُون اٽڪل 60 کان وڌيڪ جايون شامل آهن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سرڪاري ڀرتين جي لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن ??ان تعلق رکندڙن جي خالي جاين کي ڀرڻ جي لاءِ اهڙا امتحان باقاعدگي ??ان منعقد ڪيا وڃن، اقليتن جي مقابلي جي امتحان ۾ شموليت جي حوصلا افزائي ??ان گڏوگ?? آگاهي مهم پڻ هلائي وڃي، بلوچستان سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙي وڃي ۽ سول آفيسرن جي روٽيشن پاليسي کي ان جي حقيقي روح موجب بحال ڪيو وڃي ۽ ان تي سختي ??ان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن ??ان تعلق رکندڙن کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي هر شهري کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
نگران وزيراعظم پاران ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقابلي جا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ