دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي ايڪسپو سٽي ۾ جمعي کان شروع ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پهرين ۽ ٻه ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ 2 ڊسمبر تي قومي موقف پيش ڪندو. ڪانفرنس جي موقعي تي نگران وزيراعظم جي مختل?? عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جي??اني، ناڻي ??اري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات