بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن (سي ٽي ج??) جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ۽ چائنا ٿري گارجز انٽرن??شن?? لميٽيڊ (سي ٽي ج?? آءِ) جي چيئرمين وو شينگ ليانگ بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا تي روشني وڌي ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري خاص طور تي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي ج?? شعبن ۾ موقعن جو هڪ جائزو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? موجب نائب وزيراعظم ڪروٽ ۽ جهمپير سميت پاڪستان ۾ چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن جي قابل تجديد توانائي ج?? منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته قابل تجديد توانائي پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي ترجيحي شعبن ۾ شامل آهي. نائب صدر چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن پاڪستان سان ٿري گارجز ڪارپوريشن جي مسلسل وابستگي ج?? ورجاءُ ڪيو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جهڙن جاري منصوبن جي تڪميل ۾ تيزي آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ۽ چائنا ٿري گارجز انٽرنيشنل لميٽيڊ جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ