اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائين جون سموريون حدون پار ڪري ويو آهي، اس??ولن ??ي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي، اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، عالمي برادري گڏيل قومن سميت اسرائيل جي وحشيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه فلسطين جي اس??ول تي اسرائيل جي حملي جي شديد مذمت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيلن ??ي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندان سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل پنهنجي وحشي ڪارروائين جون سموريون حدون پار ڪري ويو آهي. اس??ول جي ٻارن تي حملو کُليل اڳرائي آهي. اهڙي ريت جي ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. عالمي برادري گڏيل قومن سميت اسرائيل جي سفاڪيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ورجايون ٿا ته فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن تي اسرائيلي قيادت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهار??و وڃي. اسرائيل کي سندس ظالماڻين ڪارروائين جي سخت سزا ڏني وڃي. اسرائيل خلاف عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرا??و وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان هر محاذ تي پنهنجي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
اسڪولن جي ٻارن تي حملو اسرائيل جي کليل اڳرائي آهي، عالمي برادري اسرائيلي سفاڪيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ