اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چي?? آهي ته دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم ت??ئي?? ڪوششون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سد??ئي?? ياد رکندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ ڪيپٽن محمد علي قريشي شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪيپٽن محمد علي قريشي گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ شهيد ٿي ويو هو. صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي شهيد جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج عقيدت پيش ڪندي چي?? ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون همدرديون شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. هن چي?? ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي. صدر چي?? ته دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم ت??ئي?? ڪوششون جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري شهيد ڪيپٽن جي گهرڀاتين جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي کي ساراهيو. هن چي?? ته قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سد??ئي?? ياد رکندي. صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
دهشتگردي جي فتني کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں