اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيره غازي خان ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سي ٽي ڊي پنجاب بروقت ڪامياب آپر??شن ڪري فتنه الخوارج جي ٻن دهشتگردن کي انجام تائي?? پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپر??شن تي سي ٽي ڊي پنجاب کي ??اب??س ڏني. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب انتهائي پروفيشنل انداز ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپر??شن ذريعي ڊي جي خان ۾ دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بڻايو . فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندڙ سي ٽي ڊي پنجاب جي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب هميشه فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي منصوبن کي ناڪام بڻايو آهي. سي ٽي ڊي پنجاب جي بهادر جوانن تي فخر آهي ۽ اهو فورس اسان جو سرمايو آهي.
سي ٽي ڊي پنجاب پاران وقتائتو ڪامياب آپريشن، فتنه الخوارج جا 02 دهشتگرد انجام تائين پهچي ويا : وفاقي گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil