نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليوارن پاڪستاني آمريڪن بينڪرز کي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر، توانائي، ٽيڪنالاجي، زراعت جي شعبن ۾ سي??پڪاري جي دعوت ڏيندي غيرملڪي سي??پڪارن جي سهولت لاءِ مستحڪم ميڪرو اڪنامڪ ماحول کي برقرار رکڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ناليوارن پاڪستاني آمريڪن بينڪرز جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جي پي مورگن، نيٽيزس ڪارپوريشنز اينڊ انويسٽمنٽس، سوميٽومو مٽسوئي بئنڪنگ ڪارپوريشن، گولڊ مين سي??ن سٽي??نز بئنڪ، ليزارڊ، آوڊيڪس گروپ سميت ناليوارين بئنڪن جا نمائندا شامل هئا. ملاقات دوران وزيراعظم وفد کي معيشت جي استحڪام ۽ پاڪستان ۾ غيرملڪي سي??پڪاري کي راغب ڪر?? جي لاءِ حڪومت پاران کنيل اهم قدمن کان آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس بيس جي صلاحيت، ڪاروبار ۾ سهولت ۽ فروغ ۽ سرڪاري ادارن ۾ جاري سڌارا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين بسمول فچ ۽ موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن وفد ک?? هڪ پائيدار مالياتي فريم ورڪ قائم ڪر?? بابت پن ٻڌايو جيڪو حڪومت کي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽنگ ۾ گرين/ سسٽين ايبلٽي بانڊ جاري ڪر?? ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي وفد حڪومت جي پاليسين کي ساراهيو جيڪي پاڪستان ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪر?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفد روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ مينوفيڪچرنگ سي??ٽر خاص طور تي ايس ايم ايز جي ترقي جي لاءِ حڪومت سان تعاون ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي بئنڪن کي پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر، توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي اهم شعبن ۾ سي??پڪاري ڪر?? جي دعوت ڏني ۽ غيرملڪي سي??پڪارن جي سهولت لاءِ مستحڪم ميڪرو اڪنامڪ ماحول کي برقرار رکڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين پڻ ڏياريو.
وزيراعظم پاران ناليوارن پاڪستاني آمريڪن بينڪرز کي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر، توانائي، ٽيڪنالاجي، زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں