راولپنڊي-05 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحري?? جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول دوران جبوتي جو دؤرو ڪيو، جتي جبوتي بحري?? جي عملدارن پاڪ بحري?? جي جهاز جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ذوالفقار جي ميزبان بحري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. جبوتي بحري?? جي ڪم??نڊ?? ۽ ڪوسٽ گارڊز سان پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري جي پڄاڻيءَ تي جبوتي ڪوسٽ گارڊز سان گڏيل بحري مشق منعقد ڪئي وئي. مشق جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ هو. پاڪستان ۽ جبوتي جي سامونڊي فوج وچ ۾ ٻه طرفه رابطا ٻنهي ڀائرملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. جبوتي ۾ ??يا?? دوران مختلف ملڪن جي سفيرن، دفاعي اتاشي، جبوتي جي اعليٰ س??ل ۽ فوجي قيادت سان مقامي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي به جهاز جو دؤرو ڪيو. ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.
پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار جو ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول دوران جبوتي جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا