اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب اسلامڪ سمٽ ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي شهر رياض لاءِ روانو ٿي ويو. گذر??ل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامڪ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي سمٽ جي سائيڊ لائينز تي وزيراعظم جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به متوقع اهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاط??ي به وزيراعظم سان گڏ آهن. هي غير م??مولي سربراهي اجلاس سعودي عرب جي حڪومت طرفان گهرايو ويو آهي جنهن ۾ غزه ۽ فلسطين سميت وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. سربراهي اجلاس ۾ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جا ميمبر ملڪ به شرڪت ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز