اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو ٽائيٽل کٽڻ تي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن شا??دار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ چيمپيئن هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوري ٽور??ام??نٽ ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن بهترين راند پيش ڪئي. ڪپ??ان نثار علي ۽ محمد صفدر شا??دار بيٽنگ ڪئي ۽ فائينل ۾ فتح کي يقيني بڻايو. هن چيو ته پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مينجمينٽ به مبارڪن جي مستحق آهي. ٽيم جي سمورن رانديگرن جذبي سان محنت ڪئي ۽ ورلڊڪپ ٽائيٽل کٽيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر