آستانه – 4 جولاءِ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ملاقات ڪئي. يوڪرين ۽ غزه جنگ ۽ شام جي تڪرا?? جي خاتمي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيه ا??دو مطابق ترڪيه جي ايوان صدر ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي روس جي هم منصب کي آگاهه ڪيو ته سندس ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو . ٻنهي ڌرين لاءِ امن ممڪن آهي. ترڪيه جي صدر پنهنجي روس جي هم منصب کي شام تڪرا?? جي حل ۾ ترڪيه جي سهڪار تي راضي ٿيڻ کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي صدرن ترڪيه ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ يوڪرين – روس جنگ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . شام ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ دهشت گردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون . ترڪيه جي صدر چيو ته سندس ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو . روس جي حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته روس جو صدر علائقائي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات لاءِ قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهتو . هن شنگهائي سهڪار تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي.
ترڪيه جي صدر جي روس جي هم منصب سان ملاقات، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha