نيويارڪ – 4 نومبر (اي پي پي )آمريڪا ۾ 7 ڪروڙ 80 لک ووٽرن 5 نومبر ??ي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽ?? طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق 4 ڪروڙ 26 لک کان وڌيڪ ووٽرن پولنگ اسٽيشنن تي وڃي اٽڪل 3 ڪروڙ 53 لک ووٽرن ٽپال ذريعي ووٽ وڌو. آمريڪا ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ اٽڪل 16 ڪروڙ 80 لک آهي. وقت کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ ٽيڪساس رياست ۾ 8.9 ملين رڪارڊ ڪيو ويو. فلوريڊا رياست ۾ (8.1 ملين )، ڪيليفورنيا رياست ۾ (7.6 ملين )، اتر ڪيرولينا ۾ (4.4 م??ين ) ۽ جارجيا ۾ (4 م??ين ) ووٽن جو ٽرن آئوٽ رهيو. واضح رهي ته آمريڪا ۾ 5 نومبر ??ي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن پا??ٽ?? طرفان ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ طرفان ڪملا هيرس آمريڪي سربراهه جي عهدي لاءِ آمهون سامهون آهن.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔