اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جديد جمهوري معاشرن جو دارومدار اطلاعات جي آزاداڻي فراهمي ۽ اطلاعات جي حق تي آهي، هڪ آزاد ۽ جمهوري معاشري جي لاءِ صحافت ??ي آزادي ۽ اطلاعات تائين ??هچ بنيادي گهرج آهي. صحافت ??ي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته کيس يقين آهي ته رڳو تعليم يافته ۽ باخبر شهري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تعميري ۽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان هر سال صحافت ??ي آزادي جو ڏينهن ملهايون ٿا ۽ انهن بنيادي اصولن تي زور ڏيون ٿا ته ميڊيا جي آزادي جو تح??ظ ڪيو وڃي ۽ پنهنجي پيشيواراڻي ذميوارين جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهندڙن جو احترام ڪيو وڃي ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت