اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته ماضي جي اها روايت رهي آهي ته ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير س??وسنئون ٽيلي ڪاسٽ ڪئ?? ويندي آهي جڏهن ته باقي ڪارروائي جي رپورٽ رات جو ڏيکاري ويندي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر اڳواڻ جي تقرير س??وسنئون ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جو معاملو اڳ ۾ طئي ٿي وڃي ها ته ڪمرشل ايئر ٽائيم جو انتظام ڪيو وڃي ها، منهنجي لاءِ جيتري اهميت ناڻي واري وزير جي آهي ايتري ئي مخالف ڌر اڳواڻ جي آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ان موقف تي ته ناڻي واري وزير جي سڌوسنئون تقرير وانگر سندس تقرير به سڌوسنئون ڏيکاري وڃي، ان جي جواب ?? اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ اها روايت رهي آهي ته رڳو ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير س??وسنئون هلندي آهي، باقي ڪا تقرير س??وسنئون ناهي هوندي، رات جو ان جي تفصيلي رپورٽ ڏيکاري ويندي آهي.
ماضي ۾ ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير سڌوسنئون ٽيلي ڪاسٽ ڪئي ويندي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار