نيويارڪ – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ??مر??ڪي ڪمپنين کي چيو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، جتي انهن جي لاءِ محفوظ ماحول، دلڪش منافعو ۽ ان جي سندن ملڪ ۾ منتقلي کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستان ??مر??ڪا ??زنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ مانجهاندي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2025ع ۾ دنيا جي 20 وڏي معاشي طاقتن ۾ شامل ٿي ويندو، ان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سال عمر کان گهٽ ۽ 10 ڪروڙ مڊل ڪلاس عوام تي ٻڌل هوندي. مانجهاندي ۾ وڏين ??مر??ڪي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر قسم جو پوٽينشل موجود آهي، جنهن کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??مر??ڪا ??ي نائب صدر مائيڪ پينس سان ٿيندڙ ملاقات لاڀائتي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ