اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪست??ن تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي متفقه طور تي عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. مقامي هوٽل ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو پهريون باضابطا اجلاس ٿيو. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته تحريڪ انصاف اها پارٽي آهي جنهن تي طرح طرح جي تنقيد ??ئي ويندي هئي پر اڄ اها پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ يقينن وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آهي جنهن جي نمائندگي پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا ۾ پڻ آهي.
پارلياماني پارٽي عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت