اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ڀارتي حڪومت جو ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو هڪطرفو فيصلو هڪ ڪڌي سازش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شمله معاهدي جي سنگين خلاف ورزي آهي. اها ڳالهه هن 72 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر چيو ته هو 72 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ??ري ٿو، هن چيو ته هن سال ??هو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏينهن به آهي، ڀارتي حڪومت جو ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو هڪ طرفو فيصلو هڪ ڪڌي سازش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شمله معاهدي جي سنگين خلاف ورزي آهي، ڀارت اهو، ڀارت ??هو ڄاڻي وٺي ته آزادي جي تحريڪن کي انهن جي حربن ۽ رياستي ڏاڍ ۽ ستم سان دٻائي نٿو سگهجي، هن چيو ته اڄ دنيا ڏسي رهي ??هي ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺل ??هي ۽ ان وقت تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد ڪندي رهندي جيستائين انهن کي خودمختياري جو حق نٿو ملي وڃي.
ڀارت جو ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو هڪطرفو فيصلو هڪ سازش آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada